راجسٿاني عبدالهادي

راجسٿاني، عبدالهادي: سماجي، سياسي ڪارڪن عبدالهادي راجسٿاني، ٻاڙمير جي مشهور عالم مولوي الحاج محمد حسن جي گهر ۾، 5 مئي 1926ع ۾ ڄائو. سندس والد سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ جو ڄاڻو هو. سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. ’بياض ڪوثري‘ سندس شاعريءَ جو مجموعو 1959ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۽ راجسٿان هڪ ٻئي کي تمام ويجها هئا ۽ علم سان چاهه رکندڙ راجسٿاني علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ سنڌ ايندا هئا. ان ڪري عبدالهادي به پنهنجي والد وانگر پنهنجي ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪئي. هو سنڌي، هندي، انگريزي ۽ اردو ٻولين جو ڄاڻو هو. انگريزن کان برصغير جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ نارائڻ وياس جو سرگرم ساٿي هو، جيڪو ان وقت راجسٿان جو وڏو وزير هو. 1959ع ۾ تعلقي ’ڇهٽڻ‘ جي پنچائت جو ناظم ٿيو. 1972ع کان 1980ع تائين سينٽرل ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو صدر چونڊيو. ان کانپوءِ ڪانگريس طرفان ضلعي ٻاڙمير جو ٻه ڀيرا صدر چونڊيو. اهڙيءَ طرح 1995ع کان 2006ع تائين 11 سال انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ڪيترا سال ڪانگريس رياستي ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. عبدالهادي راجسٿاني ذات پات ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ غريبن لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو هو. هن 1956ع ۾ وقت جي بدنام ڌاڙيل ٻلونت سنگهه سان مقابلو ڪيو، جنهن سندس مائٽ محمد حيات کي قتل ڪيو هو. ان دور ۾ سرحدي ضلعي ٻاڙمير ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو. ان ڪري هن ڌاڙيلن خلاف هارين جي احتجاج جي قيادت پڻ ڪئي. راجسٿاني عبدالهادي، هندستان جي سرحدي علائقي جي رهواسين جو رکوالو هو، جيڪو علائقو راجسٿان کان پنجاب، گجرات، گنگانگر، بيڪانير، جيسلمير، ٻاڙمير، جوڌپور، سروهي ۽ پالي تائين 100 ڪلوميٽرن تي مشتمل هو. هن نه رڳو ٻاڙمير ضلعي پر سڄي راجسٿان رياست ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، خاص طور تعليم پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي بي جوڙ شادين ۽ غير مذهبي ريتن ۽ رسمن جو مخالف هو. عبدالهادي ايمانداريءَ ۽ اورچائيءَ جي ڪري ڪانگريس پارٽيءَ ۾ تمام گهڻو معروف هوندو هو، جنهنڪري ڪانگريس سربراهه سونيا گانڌيءَ کيس ’اڌيڪش جِي‘ ڪري سڏيندي هئي. هن 6 نومبر 2010ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.05.05  عيسوي

سماجي، سياسي ڪارڪن عبدالهادي راجسٿاني، ٻاڙمير جي مشهور عالم مولوي الحاج محمد حسن جي گهر ۾، 5 مئي 1926ع ۾ ڄائو.


2010.11.06  عيسوي

هنعبدالهادي راجسٿاني 6 نومبر 2010ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريـم پارڪـري پـارو مل پريمي
انڍڙ رفيق احمد
رئيس محمد اسحاق خان گبول
عبدالرحيم ڪلهوڙو ميان
خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا
اقبال دل
عاليه چنا
ڀائي کيمچند
شمس الدين گونگو نظاماڻي
ڌڻي بخش ناقص
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون